چيف جسٽس ثاقب نثار آءِ جي اسلام آباد جي بدلي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

188
0
SHARE

چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار آءِ جي اسلام آباد جي بدلي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد جي آءِ جي پوليس کي بدلي ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پاڻمرادو نوٽيس ورتو، چيف جسٽس گهرو سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي جواب لاءِ فوري عدالت ۾ طلب ڪري ورتو چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو وڃي آءِ جي اسلام آباد کي ڇو هٽايو ويو، ٻڌو آهي آءِ جي اسلام آباد کي وزير جي چوڻ تي بدلي ڪيو ويو آهي چيف جسٽس چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت کي برداشت نه ڪيو ويندو، ادارن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هو چاهين ٿا ملڪ اندر قانون جي حڪمراني قائم ٿئي