شيخ رشيد پاران مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان اين آر او گھرڻ جو انڪشاف

155
0
SHARE

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد اهو انڪشاف ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته شهبازشريف اين آر او گھري رهيو آهي، هو وڏي وقت کان ان حوالي سان ڪوششون پيو ڪري، آصف زرداري به ان انتظار ۾ آهي ته شهبازشريف کي اين آر او ملي ته هو به اين آر او گھري پر حڪومت ڪنهن سان به اين آر او  نه ڪندي، ڪرپٽ سياستدانن سميت هر ڪنهن جو احتساب ٿيندو شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڀاڻي صدر عارف علوي ڌاٻيجي  ايڪسپريس جو افتتاح ڪندو، ڌاٻيجي ايڪسپريس ڪراچي تائين هلندي.جنهن ۾ مزدور سستي اگھه تي سفر ڪري سگھندا، پهرين تاريخ تي مفت ۾ سفر جي سهولت به فراهم ڪنداسين  وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي کان سکر ايڪسپريس ۽ حيدرآباد ايڪسپريس سميت سنڌ ۾ 5 ريلون هلائڻ وڃي رهيا آهيون، ريل کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين هن چيو ته خانيوال ۽ ملتان اسٽيشنن تي مفت واءِ فاءِ جي سهولت آهي، ماڻهو اسٽيشنن تي رڳو واءِ فاءِ هلائڻ نه اچن، نه ته پابندي لڳائي ڇڏينداسين