فيض گنج ويجهو جوابدار گهريلو جهيڙي دوران ٻن ورهين جي معصوم نياڻي کي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، 3 گهر ڀاتي زخمي

154
0
SHARE

فيض گنج ويجهو وحشي جوابدار گهريلو جهيڙي دوران ٻن ورهين جي معصوم نياڻي کي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، 3 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا اڪري چودڳي جي ڳوٺ ڪمال فقير شر ۾ مبينه طور تي نشي ۾ ڌت جوابدار جمن شر  گهر ۾ جهيڙي دوران پنهجي معصوم ڌي اطهرالنساءِ شر کي ڪهاڙين جا وار قتل ڪيو جوابدار پنهنجي ٻي ڌي 5 ورهين جي نور النساءِ شر، گهرواري مسمات ضميران شر ۽ ماءُ مسمات الهواسائي شر کي پڻ ڪهاڙيون هڻي شديد زخمي ڪري وڌو  زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ٻارڙي نورالنساءِ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي اڪري چودڳي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جمن شر نشي جي حالت ۾ گهر ۾ جهيڙو ڪرڻ بعد گهر ڀاتين تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي قتل ٿي وئي ۽ 3 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا