شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 275عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جاري

1252
0
SHARE

ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي، يوسف شاهين ۽ ٻين شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي مقالا پيش ڪيا شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون ٻئين ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، سنڌ سميت سڄي ملڪ مان لکين پانڌيئڙن جي ڀٽ شاهه آمد جاري آهي، هر طرف جيئي لطيف جي نعرن جي گونج آهي ايڇ ٽي سورلي ھال ۾ لطيف ادبي ڪانفرس ناليواري دانشور ڊاڪٽر مبارڪ علي جي صدارت ھيٺ ٿي، جنهن ۾ درگاهه شاهه لطيف  جي سجاده  نشين  سيد وقار حسين  شاهه لطيفي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي ڪانفرنس  ۾ ناليواري اديب يوسف شاھين، لاھور کان انجم طاھر،  ڪوئيٽا کان محمود خان ابڙو، دانشور جامي چانڊيو،  شوڪت اڄڻ،  نواز ڪنڀر، الطاف ميمڻ، تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اديبن ۽ دانشورن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته شاھ لطيف جنهن زمين سان محبت ڪئي ان جو نالو سنڌ آهي، شاھ لطيف جو مقام دنيا جي ٻين شاعرن کان مٿانھون آهي يوسف شاهين پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو ته سنڌين لطيف کي بعد ۾ ۽ انگريزن پهريون سمجهيو ٻئي طرف سگهڙ ڪانفرنس به ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي آيل سگهڙن حفيظ الرحمان مهيسر، علي گل ڀٽي، محمد ايوب جوڻيجو، غلام نبي ماري، حق نواز مشوري ۽ ٻين ڏور، پرولي، بيت، سينگار، ڳجهارت، هنر ۽ آجيان جا بيت پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي ان کانسواءِ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ملاکڙي جا به دلچسپ مقابلا ٿيا، جڏهن ته ثقافتي ڳوٺ ۽ ٻيا تفريحي مرڪز ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.