سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 3 رڪني بئنچ ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

969
0
SHARE

  سپريم ڪورٽ ٿرپارڪر جي اسپيشل انشيٽيوڊ کاتي ۾ خرچ ڪيل بجيٽ جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سنڌ رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ اسپيشل انشيٽيوڊ کاتو قائم ڪيو هو، آر او پلانٽس ۽ پمپنگ اسٽيشنز جون مختلف اسڪيمون اسپيشل انشيٽيوڊ کاتي حوالي ڪيون ويون هنيون سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه، سنڌ حڪومت طرفان قائم ڪيل ڪميٽي جا ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ اسپيشل انشيٽيوڊ کاتو قائم ڪيو هو، آر او پلانٽس ۽ پمپنگ اسٽيشنز جون مختلف اسڪيمون اسپيشل انشيٽيوڊ کاتي حوالي ڪيون ويون هنيون چيف جسٽس ثاقب نثار ٿرپارڪر جي اسپيشل انشيٽيوڊ کاتي ۾ خرچ ڪيل بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي 3 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار سنڌ حڪومت طرفان قائم ڪميٽي جي سربراهه کان پڇاڻو ڪيو ته،توهان جڏهن ٿر ويا هئا ته ڇا ٿي ويا هئا؟، جنهن تي ڪميٽي سربراهه چيو ته، گاڏي ذريعي ٿرپارڪر ويو هئس، 2 ڏينهن لڳي ويا هئا چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته، هاڻي ڪراچي آيس ته پنهنجي خرچ تي ٽڪيٽ وٺي ٿرپارڪر ويندس، پنهنجي اکين سان ٿر جي ماڻهن جي صورتحال ڏسڻ چاهيان ٿو