صدر ڊاڪٽر عارف علوي لوڪل ٽرين جو 31 آڪٽوبر تي افتتاح ڪندو، ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ سئو ڏينهن ۾ 10 ٽرينون هلائڻ وارو واعدو پورو ڪنداسين ريلوي واري وزير شيخ رشيد پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪراچي ۾ لوڪل ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لوڪل ٽرين ڌاٻيجي، لانڍي ۽ ڪراچي ۾ هلندي، ايندڙ مرحلي ۾ ڪراچي کان حيدرآباد شٽل ٽرين هلائي ويندي ريلوي واري وزير چيو ته لوڪل ٽرين جو افتتاح 31 آڪٽوبر تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪندو، ٽرين هلائڻ جو مقصد پورهيتن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، پورهيتن لاءِ عمران خان جو ڪيل واعدو پورو ٿي ويو آهي هن چيو ته ميانوالي، لاهور کانپوءِ هاڻي سنڌ جو وارو آهي، هڪ سئو ڏينهن ۾ 10 ٽرينون هلائڻ جو واعدو پورو ڪيو ويندو