اڳوڻي صوبائي وزير مهتاب ڏهر چيو آهي ته تبديلي جي دعويٰ ڪندڙن جا ڪرتوت ڪجھ ئي مهينن ۾ عوام سامهون اچي ويا

899
0
SHARE

پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪنهن به پارٽي جي منشور ۾ عوام جي خدمت شامل ناهي، پ پ غريب عوام جي حقن جي محافظ آهي اوٻاوڙو ۾ مختلف روڊن جو افتتاح ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته پي ٽي آءِ وٽ عوام لاءِ ڪهڙو پروگرام آهي، عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پسجي رهيو آهي، تبديلي جي اڃا ڪهڙي نشاني هوندي ڄام مهتاب ڏهر چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي، هن اڳ به اوٻاوڙو جي عوام جي خدمت ڪئي هاڻي به خدمت جاري رکندو، عوام ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي ان کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگھي ڄام مهتاب ڏهر ريتي جي چڱي مڙس رئيس فيض محمد چاچڙ جي مانجهندي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان مختلف ڳوٺن ۾ ڏنل آجياڻي پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي