پيمرا ڪراچي ريجن جي ٽيم ماڊل ڪسٽمس ڪليڪٽوريٽ ڪراچي، ايف آءِ اي سنڌ، سنڌ پوليس ۽ پاڪستان رينجرس جي ٽيمن سان گڏ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر جي صدر، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، ڪورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گدامن ۽ گھرن تي ڇاپا هنيا پيمرا ڪراچي ريجن جي ٽيم ڇاپن دوران غيرقانوني طور انڊين ٽي وي چئنل هلائڻ تي ڊجيٽل سيٽلائيٽ ريسيور، ڊش انٽينائون، ايل اين بيون لاهي کڻي وئي واضع رهي ته سپريم ڪورٽ پاران پيمرا کي انڊين ٽي وي چئنلن جي نشريات بند ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ پيمرا طرفان ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن