سنڌ جي سمورين ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ

820
0
SHARE

سنڌ جي سمورين ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، 25 هزار کان وڌيڪ اميدوارن داخلا واري امتحان ۾ حصو ورتو، اين ٽي ايس پيپر آئوٽ ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي سنڌ اندر مختلف ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جا ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ نوابشاهه ۾ سينيٽر قائم ڪيا ويا ڪراچي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن لاءِ ٽيسٽ جو سينٽر اين اِي ڊي يونيورسٽي ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جتي 9 هزار کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ٽيسٽ ڄامشورو بدران حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ ورتي وئي، جنهن دوران 8 هزار 4 سئو 95 شاگردن ميڊيڪل جي ٽيسٽ ڏني. پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۾ 1512 شاگرد ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، سکر ۽ لاڙڪاڻو جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 4 سئو سيٽن لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ اميدوارن داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏني ميڊيڪل يونيورسٽين جي ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، سينٽرن اندر موبائيل فون توڙي ٻي ڪنهن شيءِ کڻي وڃڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي لاڙڪاڻي ۾ موبائيل فون رکڻ تي هڪ شاگرد کي سينٽر مان ٻاهر ڪڍيو ويو ٻئي پاسي، اين ٽي ايس پيپر آئوٽ ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي اين ٽي ايس سنڌ جي سربراهه چيو آهي ته پيپر آئوٽ ٿيڻ واريون غلط آهن، آئوٽ ٿيل پيپر 2017 جو شاگرد ڌيان نه ڏين