جاتي امرا لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان متحده مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات

611
0
SHARE

 متحده مجلس عمل جو سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز ليگ جي قائد نواز شريف کي مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي راضي نه ڪري سگهيو، نواز شريف اي پي سي ۾  ذاتي طور شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي جاتي امرا لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان متحده مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي اي پي سي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف کي دعوت ڏني پر نواز شريف اي پي سي ۾ ذاتي طور شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪئي نواز ليگ جي ذريعن موجب نواز شريف اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندو، نواز ليگ جو اعليٰ سطحي وفد مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو احسن اقبال جو چوڻ آهي ته شهباز شريف سان مشاورت بعد آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويندو