ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو روڪجي نه سگهيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو مٺي جي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ڳوٺ ڀاڏور واسي اڪبر بجير جو تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 38 ٿي ويو آهي هوڏانهن ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب داخل آهن، پر اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙن جا والدين سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن