هلندڙ سال ڪرپشن جون 44 هزار 315 شڪايتون مليون، جن تي 440 ريفرنس داخل ڪيا ويا، ڪرپٽ عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي: نيب چيئرمين

771
0
SHARE

  نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نيب ملڪي لٽيل ناڻي جي واپسي لاءِ 503 ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب کي هلندڙ سال ڪرپشن جون 44 هزار 315 شڪايتون مليون، جن مان 1703 شڪايتن جي تصديق ٿي، جن تي 877 انڪوائريز ۽ 227 انويسٽيگيشنز جاري آهن نيب چيئرمين جاويد اقبال جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ڪرپشن جي شڪايتن تي  440 ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن خلاف ڪاررواين ۾ گذريل سال ۽ هلندڙ سال نمايا رهيا، بدعنواني خلاف وسيع حڪمت عملي جوڙي قدم کنيا پيا وڃن جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي ڪرپشن جي انڊيڪس ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي، ادارو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪرپٽن عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي