اليڪشن ٽربيونل حيدرآباد ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير فهميده مرزا چيو ته آصف زرداري خلاف ڪيس گذريل حڪومتن جا آهن ۽ انهن ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، آصف زرداري خلاف ڪيسن جو 18 هين ترميم سان ڪو تعلق ناهي، هو نٿي سمجهي ته 18 هين ترميم رول بيڪ ٿيندي هن چيو ته مخالف ڌر وارا 5 سالن جي حڪومت کي ٻن مهينن جي حڪومت سان ڳنڍي تنقيد ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بدترين حڪومت رهي آهي، هر ٻيو ادارو تباهه ڪيو ويو، خاص طور تي مڪاني کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي