SHARE

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ گرفتار مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪرپشن ڪيس نيب هٿان گرفتار ٿيل مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي جسماني رمانڊ بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب شهباز شريف کي پيش ڪيو عدالت ۾ وڪيل بدران شهباز شريف پنهنجي صفائي ۾ پاڻ دليل پيش ڪيا، جڏهن ته نيب جي پراسيڪيوٽر شهباز شريف  کي 15 ڏينهن جي جسماني ريمارنڊ تي ڏيڻ جي درخواست ڪئي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 7 نومبر تائين تي نيب جي حوالي ڪيو شهباز شريف جي پيشي دوران احتساب عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، وڏي انگ ۾ نوازليگ جا ڪارڪن به عدالت ٻاهران پهتا، پوليس ۽ نوازليگ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن دوران پوليس لٺبازي پڻ ڪئي