نيب پاران ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث 71 سياستدانن ۽ ڪامورن جي نالن جي لسٽ جاري

709
0
SHARE

لسٽ ۾ نواز شريف، شهباز شريف، وڏي وزير مراد علي شاهه، سراج دراني، شرجيل ميمڻ، سهيل انور سيال سميت سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي 19_19 ۽ پنجاب جي 20 شخصيتن جا نالا شامل آهن نيب جاچ هيٺ ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث چئني صوبن جي اهم سياستدانن ۽ ڪامورن جي نالن تي ٻڌل 71 ڄڻن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جون 19_ 19، پنجاب جون 20 ۽ بلوچستان جون 9 شخصيتون شامل آهن نيب طرفان جاري ڪيل لسٽ ۾ نواز شريف، شهباز شريف، سعد رفيق، خواجه آصف، اسحاق ڊار، راڻا مشهود، پرويز الاهي، ذوالفي بخاري، عليم خان، بابر اعواڻ جا نالا شامل آهن نيب موجب شوڪت عزيز، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني،  پرويز خٽڪ، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، ثناءُ الله زهري، اسلم رئيساڻي، خالد لانگو خلاف به نيب ڪيسن ۾ جاچ هلي رهي آهي نيب جي لسٽ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، اسپيڪر آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ، سهيل انور سيال، ضيا لنجار، اعجاز جکراڻي، ڊاڪٽر عاصم جا نالا شامل آهن نيب موجب بابر غوري، رئوف صديقي، وسيم اختر، لياقت جتوئي، تيمور ٽالپر، منظور وساڻ ۽ عادل صديقي  خلاف پڻ جاچ جاري آهي نيب جي لسٽ ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ ۽ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت سنڌ جون 19 شخصيتون شامل آهن