سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو اگھه 30 نومبر کان اڳ مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

744
0
SHARE

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي رهتن جي ادائيگي واري معاملي تي داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪريٽري زراعت سميت زراعت کاتي جا عملدار ۽ ڪين ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت کي ڪمند جو اگھه 30 نومبر کان اڳ مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون 30 نومبر کان هلائڻ جو حڪم ڏنو عدالت طرفان صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملن کي چالو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي عدالت ڪمند جي آبادگارن کي رهتن جي ادائيگي واري معاملي تي ڪين ڪمشنر جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي ڪميٽي 45 ڏينهن اندر آبادگارن کي رهتن جي ادائيگي واري معاملي جو حل ڪڍندي