سنڌ حڪومت ڪي فور فيز 2 ۽ فيز 3 کي به سول ورڪ فيز ون سان گڏ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪي فور کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور منصوبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عريز خصوصي طور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊبليو ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ، سي او ايس 5 ڪور، سي او ايس هيڊ ڪوارٽر ايف ڊبليو، ڪمانڊر 494 انجنيئرنگ گروپ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي فور فيز 2 ۽ فيز 3 کي به سول ورڪ فيز ون سان گڏ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي جي ٽنهي فيزن جو ڪم گڏ شروع ڪرڻ سان ٽئي فيز جلد مڪمل ٿي ويندا ۽ ان سان گڏ منصوبي بابت مسئلا حل ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.