مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ايڇ ڊي اي جو اجلاس

1636
0
SHARE

مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني جي حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل ملازمن سندس رستا روڪ ڪري شديد نعريبازي ڪئي، سعيد غني جو چوڻ آهي ته ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ايڇ ڊي اي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن سميت مختلف ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ايڇ ڊي اي جي چيئرمين صوبائي وزير کي ترقياتي ڪمن سميت مختلف مامرن تي برينفنگ ڏني

اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي بلديات واري وزير سعيد غني چيو ته ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا آفيسر خلاف شڪايت ملي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سندن ڪوشش آهي ته ادارن کي بهتر ڪيو وڃي، ايڇ ڊي اي جا ڪيترائي مسئلا آهن، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڪنهن ٻئي اداري ۾ ضم ڪيو ويندو هن چيو ته صرف واسا ناهي جتي ملازمن کي پگهارون نٿيون ملن، ٻيا به ادارا آهن جن جي ملازمن کي وقت تي پگهارون نه ٿيون ملن، جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي حڪومت ته ملي آهي پر کين خبر ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي، جيڪڏهن حڪومت جي رفتار اها رهي ته اها گهڻو وقت هلي نه سگهندي، آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ بعد عمران خان خودڪشي ڪرڻ بدران قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي صوبائي وزير سعيد غني پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ واسا ملازمن سان ڳالهيون ڪري سندن مسئلا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي