اڳوڻي صدر آصف زرداري حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

687
0
SHARE

اڳوڻي صدر آصف زرداري حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، آصف زرداري چيو آهي ته هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ڇڏي ڏيو، اچو ته پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ۽ قرض جي مسئلي مان نڪرون، نواز ليگ سان گڏجي ڪم ڪيو، پي ٽي آءِ سان به گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو اڳوڻي صدر ۽ پ پ ايم اين اي آصف زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته جمهوريت ۾  ڪمزوريون ضرور آهن، پر سڀني مسئلن جو علاج جمهوريت ۾ آهي آصف زرداري تحريڪ انصاف کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو، وقت اچي ويو آهي ته ملڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، حڪومت کي مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏجي ويهي مسئلن جو حل  ڪڍڻ گهرجي آصف زرداري چيو ته هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ڇڏي ڏيو، هر سياسي پارٽي جي پنهنجي سوچ آهي، هو هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، نواز شريف سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ هو موجوده حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهن هن چيو ته اچو ته پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ۽ قرض جي مسئلي مان نڪرون، ملين بلين ڊالر ملڻ معيشت جو مڪمل علاج ناهي، سڀني گڏجي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسئلن جو حل نڪري ايندو، باقي هيليڪاپٽر جي تيل بچائڻ سان ملڪ نه هلندو، هو حڪومت کي اپوزيشن جي موڊ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آصف زرداري چيو ته ننڍي مدي وارن منصوبن سان ڪا به بهتري نه ايندي، پاڻي جو مسئلو هيومن رائيٽس جو مسئلو آهي، هو به ڊيم ٺاهڻ چاهين ٿا اها سٺي سوچ آهي، ملڪ اندر ڊيم ضرور ٺهڻ گهرجن پر ان لاءِ اتفاق ضروري آهي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سي پيڪ جو نظريو ڏنو، جيڪڏهن گوادر پورٽ کي ڪڍي ڇڏيو ته سي پيڪ ۾ ڇا وڃي بچندو آصف زرداري وڌيڪ چيو ته هو 12 سال جيل ڪاٽي آهي، هاڻي گهڻو ٿيو، هو به هاڻي 63، 64 سالن جو ٿي ويو آهي، ڪڏهن پنهنجي ٻارن جي لاءِ ملڪ ٺاهيندا، اچو سڀ گڏجي پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون