سکر ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 2 عورتون فوت ٿي ويون، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جيل موڙ ميناره روڊ واري علائقي ۾ تيز رفتار ويگن ۽ رڪشه ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماسترياڻي شهيلا قادري موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته رڪشا ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي روهڻ واسڻ عورت شھيلا قادري سکر جي غريب آباد جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندي هئي، صبح جي وقت روھڙي کان اسڪول ڊيوٽي تي اچي رھي ھئي ته ساڻس حادثو پيش آيو فوتي عورت جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سي سيڪشن جي پوليس وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري ويگن تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي ٻئي طرف شاليمار واري علائقي ۾ ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت شريمتي لالي فوت ٿي وئي، جڏهن ته عرفان سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا