نئون ديرو ۾ اغوا ٿي ويل نينگر ساحل ڪوريجو کي پوليس ٽي سال گذرڻ باوجود بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، وارثن جو احتجاج

698
0
SHARE

نينگر جي پيءُ ۽ چاچي کي پوليس گرفتار ڪري  لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، نينگر جي بازيابي ۽ گرفتار ٿيلن جي آزادي  لاءِ وارثن پاران ڳڙهي خدابخش ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي ۾ بازيابيءَ لاءِ هلندڙ ڪيس کي به 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر هن وقت تائين لاڙڪاڻو پوليس ساحل کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ساحل جي والد ظهور احمد ڪوريجو ۽ چاچي عبيد الله ڪوريجو کي ڳالهين لاءِ پاڻ وٽ گهرائي، ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سي آءِ اي پوليس لاڙڪاڻو هٿان گرفتار ڪرائي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو ساحل ڪوريجو جي امڙ سبحان خاتون ڪوريجو، ڏاڏو عبدالغني ڪوريجو ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي دانهيو ته نينگر به اسان جو ويو آهي ۽ پوليس وري ٽارچر به اسان کي ڏئي رهي آهي ساحل ڪوريجو جي امڙ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي چتاءُ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر نينگر بازياب نه ڪرايو ويو ته ايس پي چوڪ لاڙڪاڻي تي هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي