ٽنڊوغلام علي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن دلا ۽ مٽ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو چاڪر شاخ جي آبادگارن محمد رحيم رند، جان محمد لنڊ، علي مراد سولنگي ۽ طارق فھيم رند جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته چاڪر شاخ جي ايس ڊي او ۽ داروغي منڍ جي بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي پڇڙي جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پڇڙي ۾ سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي هنن چيو ته شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پوکي نه ٿي سگهي آهي، نوٽيس وٺي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي