لاڙڪاڻي ۾ نيب سکر طرفان شاگردن کي ڪرپشن خلاف آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار

640
0
SHARE

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ منعقد ڪيل آگاهي سيمينار ۾ نيب سکر جي ڊائريڪٽر غلام فاروق ميمڻ، سيڪريٽري بورڊ احمد خان ڇٽو، ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور قريشي سميت استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران شاگردن وچ ۾ ڪرپشن خلاف تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا ان موقعي تي سکر نيب جي ڊائريڪٽر خطاب ڪندي چيو ته شاگردن سان سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد ملڪ جي خطرناڪ دشمن ڪرپشن خلاف آگاهه رهن ته جيئن مستقبل ۾ اهي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگھن هن چيو ته قائداعظم جي سوچ مطابق پاڪستان ٺاهڻو آهي، ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ نيب جو هڪ مڪمل طريقيڪار آهي، جيڪو ڪيس ايندو آهي ان جي جاچ پڙتال ٿيندي آهي، ماڻهن کي گهرجي ته نيب سان هميشه سهڪار ۾ رهي ته جيئن ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل طور تي خاتمو ٿي سگھي سيمينار ۾ تقريري مقابلن ۾ پوزيش حاصل ڪندڙ شاگردن عبدالجبار، عتيق الرحمان، مزمل احمد، ارسلان جمالي، علي زيب جتوئي، سيد محمد زمان، سفير سولنگي ۽ ٻين کي نيب سکر جي ڊائريڪٽر شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا