بيجنگ ۾ سينٽرل پارٽي اسڪول جي تقريب ۾ وزيراعظم عمران جو خطاب

656
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو پي ٽي آءِ حڪومت جو اهم مقصد آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ کيس 22 سال جدوجهد ڪرڻي پئي، مني لانڊرنگ تي ضابطي لاءِ چين جي مدد جي ضرورت آهي، وائيٽ ڪالر ڏوهه کي منهن ڏيڻو پوندو بيجنگ ۾ سينٽرل پارٽي اسڪول جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران  خان چيو ته پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ڪرپشن سبب پاڪستان  جي ترقي رڪجي وئي، هن  ڪرپشن خلاف ڊگهي جدوجهد ڪئي، اڳ سندس پارٽي کي ڪير به سنجيده نه وٺندو هو، اڄ تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو چين جي مستقبل جي قيادت سان ڳالهائي رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا اهم آهن، چين جهڙي طرح ڪرپشن تي ضابطو آڻي ترقي ڪئي آهي، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، چين جي تجربي مان فائدو وٺنداسين، چين هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي هن چيو ته رياستي ادارن کي مضبوط ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، ادارن کي مضبوط ڪري ئي ڪرپشن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، مني لانڊرنگ وڏو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آندو پيو وڃي، وائٽ ڪالر ڏوهه کي منهن ڏيڻ اهم آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان هر شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو هو، ملائيشيا، اتر ڪوريا ۽ ٻين ملڪن ۾ به پاڪستان کي ماڊل طور ڏٺو ويندو هو پر حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري پاڪستان جي ترقي رڪجي وئي هن چيو ته اسان جي پارٽي جو اهم مقصد ڪرپشن جو خاتمو آهي، مني لانڊرنگ ذريعي هر سال اربين ڊالر اسرندڙ ملڪن کان ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن ٿا، وائٽ ڪالر ڏوهه کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جي مدد گهربل آهي، هن وقت پاڪستان کي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، سي پيڪ پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي