موسميات کاتي پاران سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 8 جولاءِ تائين چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي

247
0
SHARE

موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 8 جولاءِ تائين چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب شهري ٻوڏ جو به خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي..

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان 8 جولاءِ تائين اسلام آباد، راولپنڊي، مري ۽ گلگت سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، 5 کان 8 جولاءِ تائين بارکان، لسٻيلا، ڊي آءِ خان ۽ ملتان ۾ برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب 7 کان 8 جولاءِ تائين سکر، جيڪب آباد، ٺٽي، عمرڪوٽ  ۽ حيدرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ طوفاني برساتن سبب اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.

ٻئي طرف موسميات کاتي سياحن ۽ لاڳاپيل ادارن کي احتياط جي هدايت ڪئي آهي……….