سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيمبر ۾ ملاقات

646
0
SHARE

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي شڪايت بابت چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو آهي، ڄاڻ فراهم ڪرڻ سندس نه پر ادارن جو ڪم آهي، جي آءِ ٽي سمورو رڪارڊ ٻن ڏينهن ۾ گهريو هو، اهو فراهم ڪرڻ ممڪن نه هو سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾  چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار موجود هئا ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چيف جسٽس سان بهتر ماحول ۾ ملاقات ٿي آهي، چيف جسٽس کي کيس وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، چيف جسٽس کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو آهي وڏي وزير چيو ته هو پهرين به عدالت ۾ حاضر ٿيو هو،  چيف جسٽس جڏهن گهرائيندو، هو حاضر ٿيندو، عدليه جو کيس احترام آهي.، هو هر جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن مراد علي شاهه چيو ته چيف جسٽس سان سنڌ جي اسپتالن جي صورتحال تي ڳالهه ٿي آهي، اين آءِ سي وي ڊي بابت چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪراچي جون اسپتالون ڪي پي ڪي جي اسپتالن کان بهتر نظر اچن ٿيون، چيف جسٽس چيو آهي هو هن سان گڏ ٿر جي دوري تي هلندو وڏي وزير چيو ته  ڪجهه سندن مسئلا هئا، اهي چيف جسٽس کي ٻڌايا آهن، چيف جسٽس سان ملاقات ۾ نيب جو به ذڪر ڪيو آهي، چيف جسٽس کي ترقياتي ٺيڪن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي وڏي وزير چيو ته جي آءِ ٽي ٻن ڏينهن ۾ رڪارڊ گهريو هو، ٻن ڏينهن ۾ رڪارڊ فراهم ڪرڻ ممڪن نه هو، ائين ٿوري آهي بٽڻ دٻايون ۽ سمورو رڪارڊ ملي وڃي مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران ماڻهن جو احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي هن چيو ته 18 هين آئيني ترميم ختم ڪرڻ بابت پيپلز پارٽي پنهنجو موقف ڏئي چڪي آهي، صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ گهرجن