ڀان سيد آباد ۾ باءِ پاس تي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت واقعي بعد فوتي نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

764
0
SHARE

 ڀان سيد آباد  ۾ باءِ پاس تي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، وارثن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو انڊس هاءِ وي روڊ تي محنت،  افرادي قوت ۽ ليبر کاتي جي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏيءَ  جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان عمران پنهور شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو  ويو پر بروقت طبي امداد نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو واقعي بعد فوتي نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون فوتي جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته وي آءِ پي پروٽوڪول سبب نوجوان فوت ٿيو آهي، واقعي جو نوٽيس وٺي صوبائي وزير، سندس عملي ۽ اسپتال انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي واضح رهي ته صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، صوبائي وزير جي گاڏي ايم پي اي ساجد جوکيو هلائي رهيو هيو، پوليس صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ کي ڪجهه دير روڪڻ بعد لاڙڪاڻو روانو ڪري ڇڏيو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ٻڌايو ته حادثي ۾ ڪراچي پوليس جي موبائيل جو ڊرائيور ذميوار آهي، جنهن  کي پوليس موبائيل سميت تحويل ۾ ورتو آهي، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو