پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سردار شاهه سميت ٻين صوبائي وزيرن جي ملاقات

688
0
SHARE

  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان صوبائي وزيرن سردار شاهه ۽ اويس قادر شاهه جي ملاقات ڪري سندن کاتن جي ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندو، کيس نتيجا گھرجن، هاڻي رڳو ڪاغذي آگاهي سان ڪم نه هلندو. تعليم ۽ ثقافت کاتي واري وزير سيد سردار شاهه ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران ٻنهي صوبائي وزيرن سندن کاتن جي ڪارڪردگي بابت بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهي ڏني اويس قادر شاهه بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ته گرين لائين منصوبي کي سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان هلائيندي هن وڌيڪ چيو ته گرين لائين منصوبو سنڌ جي عوام لاءِ تحفو هوندو، سڄي صوبي ۾ پڻ عوام لاءِ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻايو ويندو ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه کي گرين لائين منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ملاقات دوران صوبائي وزير سردار شاهه پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ عورتن جي تعليم لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن سردار شاهه جي بريفنگ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن ۽ سنڌ واحد صوبو آهي جتي انٽر تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪنهن به سياسي مداخلت کي برداشت نه ڪيو ويندو، کيس نتيجا گھرجن، رڳو ڪاغذي آگاهي سان ڪم نه هلندو.